جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ضلعي ۾ ايچ آءِ وي جا 350 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جو انگ 250 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي پيو، جيڪب آباد ضلعي ۾ ايڊز جي 350 ڪيسن جي ڊي ايڇ او به تصديق ڪري ڇڏي آهي مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي يونين ڪائونسل محمد پور اوڍو ۾ 250 کان وڌيڪ ٻارن جو ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا ٿيڻ جو خوفناڪ انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته ان کان علاوه ضلعي جي مختلف علائقن ۾ به 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ به ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايڇ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيسن جي تصديق ڪندي چيو ته ضلعي ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جا 350 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي انهن جو علاج جاري آهي هن تصديق ڪندي چيو ته يونين ڪائونسل محمد پور اوڍو ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ڊي ايڇ او موجب تعلقي ڳڙهي خيرو جي يونين ڪائونسل محمد پور اوڍو رتوديرو سان ڳنڍيل هجڻ ڪري اتان جا ماڻهو اڪثر علاج لاءِ لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو ويندا آهن ان لاءِ اسان کي خدشو آهي ته هي مرض سرنج ذريعي جيڪب آباد جي ٻارن ۾ داخل ٿيو آهي، ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا ٻارن جي عمر ۽ جنس متعلق ڊي ايڇ او ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هي مرض اھڙو آهي جيڪو مبتلا ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ڪندو آهي ان لاءِ اسين ان ڪيسن بابت ميڊيا آڏو نه ٿا آڻيون ان سلسلي ۾ پي ايم اي اڳواڻ ڊاڪٽر اي جي انصاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي ۾ 350 کان وڌيڪ ۽ صرف هڪ يونين ڪائونسل ۾ 250 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز پازيٽو ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ۽ خوفناڪ صورتحال آهي هن چيو ته صحت کاتي پاران اھڙي خطرناڪ صورتحال کي ڳجهو رکڻ هڪ وڏو ڏوهه آهي ڇو ته ان مرض کي ڳجهو رکڻ جو مطلب وڌيڪ ماڻهن کي ان مرض ۾ مبتلا ڪرڻ آهي جيڪڏهن ان صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته حالات وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا ان لاءِ ان ڪيسن بابت عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪري جن ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو آئي آهي ان جو بهتر نموني علاج ڪرائي ان موذي مرض کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي. سماجي تنظيم سي ڊي ايف جي جان اوڍاڻو چيو ته ان صورتحال بعد سرڪاري سطح تي آگاهي مهم ۽ علاج جا بهتر انتظام ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ ان مرض بابت منفي ۽ قابل نفرت سوچ هجڻ ڪري ان مرض ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي بيماري کي لڪائيندا آهن.