اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي سخت ترين تقرير بعد تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وضاحت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ فوج سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿي، عمران خان جي سومر ڏينهن واري تقرير جو هڪ پس منظر آهي، هن چيو ته نواز ليگ جي خرم دستگير چيو هو ته مونکي چيو ويو ته عمران خان پنهنجي مرضي جو آرمي چيف آڻيندو ۽ اسان سڀ جيلن ۾ هونداسين، ان وقت آءِ ايس پي آر کي خرم دستگير کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ گهرجي ها،  بعد ۾ اهو ڪم جاويد لطيف ۽ مريم نواز ڪيو، هاڻ خرم دستگير چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري نوازشريف کي ڪرڻي آهي،  پاڪستان جو آفيشل سيڪريٽ ته ان ڳالهه کان روڪي ٿو، عمران خان ان پسمنظر ۾ ڳالهه ڪئي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته سياسي پارٽين ۽ اسٽبلشمينٽ کي ملڪ جو سياسي ڍانچو ٻيهر جوڙڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ ضابطن تي اتفاق راءِ هجن گهرجي، هن چيو ته اسان کي سولين حڪومت ۽ فوج جي لاڳاپن ۾ توازن آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي جڏهن ته طاقت لازمي طور پاڪستان جي عوام کي منتقل ٿيڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته موجوده نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، اسان کي منصفاڻي قاعدن جي تياري تي غور ڪرڻ گهرجي.