رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر 3 ڊاڪٽرن ٽيغ بهادر، ڊاڪٽر مغفور ارجن ۽ ڊاڪٽر محسن عباسي کي بدلي ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن پريس ڪلب پهچي پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ايچ آءِ وي ٽريٽمينٽ سينٽر انچارج ڊاڪٽر شاهده ميمڻ ڪانٽريڪٽ ختم ٿيڻ باوجود ڪرسي تي ويٺل آهي. هنن چيو ته سينٽر انچارج 18هين  گريڊ جي ڊاڪٽرن کي بدلي ڪرڻ جو ليٽر ڏئي رهي آھي،2019ع کان ايچ آءِ وي آئوٽ بريڪ ٿيڻ کان وٺي ڪم ڪري رهيا آھيون، ٻاهرين ملڪن جي ڊاڪٽرن اسان کي ايچ آءِ وي بابت تربيت ڏئي تيار ڪيو هو، اسان جي بدلي سان مريض سخت مشڪلن کي منهن ڏيندا،هنن چيو ته صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره پيچوهو پنهنجي دوري وقت اسان جو ڪم ڏسي شاباس ڏني هي.هنن الزام لڳائيندي چيو ته انچارج ڊاڪٽرياڻي جو رويو پڻ غير مناسب رهي ٿو، ان کان علاوه هن مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارن ، مرد توڙي عورتن کي دوائون ۽ راشن ڏيڻ پڻ بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن معاملي تي اسان هن سان پڻ ڳالهايو هيو جنهن تي هن ڏمرجي اسان خلاف انتقامي ڪاروايون ڪرڻ شروع ڪيون آھن. هوڏانهن ايچ آءِ وي سينٽر جي انچارج ڊاڪٽرياڻي شاهده ميمڻ کان موقف وٺڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي.