جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي جون پيشي دوران اھلڪار کي گاريون، اھلڪار جي منع ڪرڻ تي ايس ايس پي چڙي پيو، بيلٽ لھرائي اهلڪار کي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو، خبر موجب ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ پيشي دوران اھلڪار کي گاريون ڏنيون، اھلڪار گاريون ڏيڻ کان ايس ايس پي کي منع ڪئي ته ايس ايس پي مٿس چڙي پيو ۽ ٻين اهلڪارن کي گهرائي سندس بيلٽ لھرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو، گرفتار ڪيل اهلڪار جو موبائيل فون پڻ ضبط ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس اھلڪار پڇاڻو ڪرڻ تي بدتميزي ڪئي، سندس خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪا ٻڌائي نٿو سگهان، ٻئي پاسي پوليس اھلڪار جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اهلڪار ڪجهه عرصو اڳ بارڊر فورس کي سھولتون نه هجڻ بابت آواز اٿاريو هو، جنهن تان آفيسر ناخوش ھئا، جنهن تي کيس سزا ڏني وئي آهي.