پريالوءِ (ن پ ا) پريالوءِ جي جهالي اسٽاپ وٽ بيٺل ٽريفڪ اھلڪارن 50 سال جي آزاد پھوڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو. پورھيت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس گاڏي جا ڪاغذ ۽ ڊرائيورنگ لائسنس ڏيکارڻ باوجود 5000 هزار عيد خرچي گھري، انڪار ڪرڻ تي اتي موجود مون مٿان 5 اھلڪارن تشدد ڪري مڪون ۽ سروٽا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي، زخمي پورهيت کي ڳاڙهي موري رولر ھيلٿ سينٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ت پريالوء پوليس ڪاروائي ڪندي 5 ٽرئفڪ پوليس اھڪارن خلاف اين سي داخل ڪري ڇڏي.