ڄامشورو/سن (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ محمد قاسم سولنگي عرف سورهيه سنڌي کي پوليس ايس ايڇ او ڄامشوروجي نگراني ۾ ڳجهي اطلاع تي هڪ ڪار تي ڇاپو هڻي گرفتارڪري نامعلوم هنڌ کڻي وئي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڄامشورو ٻڌايو ته محمد قاسم عرف سورهيه سنڌي وڏاڇڇر ٿاڻي حد ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش جوابدار آهي، جنهن کي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي گرفتارڪيوآهي، ٻئي طرف جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ شبير جمالي ،انور ڪرناڻي ، باغي راڄپر، انور بڙدي سورهيه سنڌي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سورهيه سنڌي سچو ۽ کرو ڪارڪن آهي،سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تان انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.