جوهي(ن پ ا) جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ صيفل پنهور ۾ جاني چونڪ جي ھوٽل ۾ ويٺل پنهور برادري جي ٻن ڌُرين ۾ ڪبوترن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جھيڙي ۾ لٺين، سروٽن لڳڻ ۽ فائرنگ سبب گولي لڳڻ جي ڪري نينگر نصير پٽ محمد بخش پنهور ۽ ٻي ڌُر جا پريل پھنور ۽ وسيم پنهور زخمي ٿي پيا ، جن کي تعلقي اسپتال جوهي پهچايو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين عبدالله انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ نيو ويو، جوهي پوليس 6 ڄڻن مٿان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.