جوهي( ن پ ا) جوهي جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول اقراء جي شاگردن ۽ استادن پاران سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. محمد امين لغاري، هاشم کوسو، امين جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آھي ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن ڳالهائيندي  چيو ته ٻوڏ واري صورتحال دوران اسڪول کي متاثرن لاء ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن سبب اسڪول جي حالت صفا خراب ٿي وئي آھي فرنيچر مڪمل تباھ ٿي ويو آھي   ڪلاسز ۾ گندگي پکيڙجي ويو آھي جنهن سبب معصوم شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آھي هنن چيو ته اسڪول ۾ پٽيوالي سميت صفائي وارو عملو به مقرر ناهي اسين شاگرد ۽ استاد صفائي جو ڪم ڪرڻ تي مجبور آھيون ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي اعلي اعملدارن کي درخواستون ڏيڻ باوجود عمل نه ٿي سگهيو آھي هنن سنڌ حڪومت ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته جوهي شھر جي اقراء پرائمري اسڪول ۾ پٽيوالي سميت صفائي وارو عملو مقرر ڪري ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪري شاگردن جي تدرسي عمل کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.