جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پراڻ ندي تان قبضا هٽائڻ لاءِ ايل بي او ڊي انتظاميا پاران ڪرين مشين ذريعي آپريشن ڪيو ويو. پراڻ ندي جي ڪپرن تي ناجائز قبضو ڪري اڏيل دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ايل بي او ڊي سب انجنيئر ناصر جٽ جهڏو پوليس ساڻ ڪري ڪرين مشين ذريعي پراڻ ندي تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ۽ پراڻ ندي جي ٻنهي پاسن کان اڏيل دڪانن کي هيوي مشينري ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، شاهد ڪلوئي، نياز کوسو ۽ ٻين چيو ته پراڻ ندي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو قدرتي وهڪرو آهي جنھن تي شهرين قبضا ڪري ان کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هر سال برساتن ۾ جهڏو ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي اسان ڪيترائي ڀيرا پراڻ ندي جي اصل حالت ۾ بحالي لاءِ احتجاج ڪيا پر انتظاميه ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو، هاڻي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جنھن ۾ چند دڪان ڊاهي نالي ماتر آپريشن ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پراڻ ندي جو پيٽ 300 فوٽ آهي ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪري بنا فرق جي سمورا قبضا هٽايا وڃن.