جهل مگسي ۾ ريس گاڏي جو نينگر کي ٽڪر، ڊرائيور ڊوڙ کٽڻ لاءِ آتو، ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت

0
201

شھدادڪوٽ (نمائندن وٽان ) بلوچستان جي علائقي جھل مگسي جيب ريس خوني جيپ ريس بڻجي ويو

جيپ ريس ڏسندڙ 13 سالن جي نينگر گل حسن ميرجت کي تيز رفتار جيپ ريسر گاڏي زوردار ٽڪر ھڻي چيڀاٽي ڇڏيو نينگر تڙپي تڙپي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو

نينگر گل حسن ميرجت کي ٽڪر ھڻندڙ گاڏي نمبر 109 شيراز قريشي جو ٻڌايو پيو وڃي جيڪو پنجاب جو رھواسي آهي

فوت ٿي ويل نينگر گل حسن ولد سبزل ميرجت جو مڙھ ڳوٺ گهر پنهنجا پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏهن ته علائي ۾ ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي