جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ضلعي جي سياست فيصلا ڪن مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.  ضلعي ۾ ووٽ جي اڪثريت رکندڙ سردار سخي عبدالرزاق کوسو ڪراچي ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اڳوڻي ايم پي اي ممتاز جکراڻي، غوث بخش مهر، مير عابد ڀيو موجود هئا ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته اعجاز حسين جکراڻي پاران سخي عبدالرزاق کوسو کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي جڏهن ته سخي عبدالرزاق کوسو ساڳئي ڏينهن تي محمد ميان سومرو جي رهائشگاهه پهچي ملاقات ڪئي آهي محمد ميان سومرو پاران سردار سخي عبدالرزاق کوسو کي پنهنجي پينل ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ پي ايس 1 تي اميدوار طور آڻڻ سان گڏوگڏ ڀرپور ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي پر سخي عبدالرزاق کوسو پاران اعجاز جکراڻي ۽ محمد ميان سومرو جي پينل ۾ شموليت بابت اعلان ناهي ڪيو ويو جڏهن ته محمد ميان سومرو ۽ اعجاز حسين جکراڻي پاران سردار سخي عبدالرزاق کوسو سان ملاقات جون تصويرون پنهنجي پنهنجي سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي شيئر ڪيون ويون آهن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته سردار سخي عبدالرزاق کوسو پنهنجي برادري سان صلاح ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بابت باضابطا اعلان ڪندو