ٽنڊوالهيار (رپورٽر) پي ٽي آءِ ٽنڊوالهيار اليڪشن 2024  لاءِ ٽنڊوالهيار جي ٽنهي تڪن تي پهنجن اميدوارن  جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف هائوس تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شڪيل پلھه جي اڳواڻي ۾ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي  اين اي 217 ڊاڪٽر شڪيل پلهه، ايڊوڪيٽ روزينا ڀٽو، راشد ميوو، الطاف حسين شاهه، حاجي رياض قائمخاني، پي ايس 58 تي علي پلھه، ڊاڪٽر شڪيل پلھه، اسلم لغاري، راشد ميوو، نسرين خانزاده، حاجي رياض قائمخاني، پي ايس 59  اسلم لغاري، اڪبر پلھه، علي حسن خاصخيلي جا نالا ڪليئر ڪندي مذڪوره اميدوارن جا فارم جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حالتن کي ڏسندي هن ڀيري هر تڪ تي 5 کان 6 اميدوارن جا فارم جمع ڪرائينداسين، هنن چيو ته مخالف اسان جي ووٽ بينڪ کان خوفزدا آهن، تنهن ڪري پي ٽي آءِ لاءِ  مختلف طريقا استعمال ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي.