راڌڻ (رپورٽ: اظهر جوڻيجو) راڌڻ جي بروھي محلي مان ست ڏينھن اڳ لاپتا ٿي ويل ستن ورھين جي نينگر سميع الله بروھي جو لاش اگھماڻي ڀرسان دادو ڪئنال ۾ لڙھندي نظر آيو جنھن کي اتي چوپايو مال چاريندڙن ڪڍي ڪري ڪپر تي آندو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن ۽ پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ راڌڻ اسپتال آندو جتي سھولتون نه ھجڻ سبب لاش تعلقه اسپتال ميھڙ نيو ويو، جتي نينگر جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ابتدائي رپورٽ موجب نينگر سميع الله بروھي جو مڻڪو ڀڳل ھو. جڏھن ته نينگر جي پيءُ عطا الله بروھي پنھنجي ڀاڻج مٿان نينگر کي اغوا ڪرڻ جو خدشو ظاھر ڪندي مٿس الزام مڙھيو ھو. ايس ايڇ  او راڌڻ منظور مستوئي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ شرط وارثن سان گڏ اگھاماڻي پھتاسين جتان لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، جڏھن الزام ھيٺ آيل راشد گلال ۽ سندس ڀاءُ ذوالفقار گلال کي گرفتار ڪري ورتو آھي، معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. مقتول نينگر سميع الله بروھي  پريس ڪلب جي سرپرست، شھري اتحاد راڌڻ جي صدر ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان بروھي جو ڀائٽيو آھي.