ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر گھر ۾ داخل ، گهر ڌڻي فوت، ٻن نينگرين سميت 3 زخمي، ان ڏس ۾ بلديه ٽائون جي علائقي گلشن غازي ۾ اقبال اسپتال ويجهو تيز رفتار واٽر ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري گهر ۾ داخل  ٿي ويو، جنھن سبب گھر ڌڻي 40 سالن جي عامر ولد توفيق ٿڏي تي دم ڏنو، جڏھن ته  ٻن نينگرين سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ 45 سالن جو ناصر حسين ولد توفيق، 13 سالن جي راحيلا ڌي علي اختر ۽ ٻن سالن جي ٻارڙيءَ شامل آهن.  ٽينڪر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، پوليس موجب واٽر ٽينڪر ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري گھر ۾ داخل ٿيو، حادثي سبب گھر جون ڀتيون پڻ ڊهي پٽ پئجي ويون، ٽينڪر مالڪ ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.