ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن جهانگير ترين کي ڪا ڳڻتي آهي ته وزيراعظم سان ملي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر وزيراعظم جي فيصلي جا پابند آهن، آزاد ميمبرن حلفي بيان جمع ڪرايو ۽ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي بينچن تي ويهڻ شروع ڪيو. هن چيو ته 17 شگر ملز کي نوٽيس مليا، انهن مان رڳو هڪ شگر مل جهانگير ترين جي آهي، جيڪڏهن جهانگير ترين کي ڪا ڳڻتي آهي ته وزيراعظم سان ملاقات ڪري، عمران خان سندس هر ڳالهه ٻڌندو. هن چيو ته اسان جو ڪو ميمبر ٻي پارٽي ۾ نه پيو وڃي، منهنجو پ پ سان اختلاف ٿيو ته مان پنهنجي سيٽ ڇڏي ۽ استعيفيٰ ڏني.

لاهور (م ڊ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته جهانگير ترين خلاف ڪنهن به انتقامي ڪارروائي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. چوڌي محمد سرور لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان 2 نه پر هڪ پاڪستان جو واعدو پورو ڪري رهيو آهي. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪوبه قانون کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي. جهانگير ترين بابت پڇيل سوال تي چوڌي محمد سرور چيو ته جهانگير ترين جي خلاف ڪنهن به انتقامي ڪارروائي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. عليم خان ۽ سبطين خان به ڪيس کي منهن ڏئي چڪا آهن. هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ انصاف فراهم ڪري رهيون آهن هر ڪو عدالت وڃي سگهي ٿو. حڪومت اسيمبلي ميمبرن کي جهانگير ترين سان گڏ عدالت وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪابه سختي ناهي ڪئي. تحريڪ انصاف ۾ فارورڊ بلاڪ بڻجڻ بابت سوال تي پنجاب جي گورنر چيو ته پارٽي ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ ناهي بڻجي رهيو. جهانگير ترين ۽ ساٿين وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چوڌري محمد سرور چيو ته پي ڊي ايم به ڪنهن خوش فهمي جو شڪار نه ٿئي. عمران خان  ئي وزيراعظم رهندو.