لاهور (م ڊ) وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جهانگير ترين کان سندس فارم جي زمينن، مشينري ۽ پرڏيهي ملڪيتن بابت رڪارڊ طلب ڪري ورتو. ايف آءِ اي جهانگير ترين کي نوٽيس موڪليو آهي، جنهن ۾ جهانگير ترين کان 8 سوال پڇيا ويا آهن، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته انهن سوالن جا جواب آگسٽ 2020ع کان گهريا پيا وڃن. جهانگير ترين جمعي جي ڏينهن انهن سوالن جا جواب ڏيڻ جو واعو ڪيو هو. جهانگير ترين 13 اپريل تي جواب وٺي پاڻ حاضر ٿئي يا وري ڪمپني سيڪريٽري جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهي ٿو. ايف آءِ اي طرفان چيو ويو آهي ته جهانگير ترين جي ڪي فارمز جي سموري مشينري جي خريداري جون اصل رسيون ۽ فارم جي 35 هزار ايڪڙ جي زمين جا ثبوت جمع ڪرائي، ان حوالي سان بينڪ جي رپورٽ جمع ڪرائي، ان کانسواءِ مشينري ۽ 35 هزار ايڪڙ رقبي جي ڪاٿي واري رپورٽ جمع ڪرائي ۽ برطانيا ۾ خريد ڪيل ملڪيتن جي مني ٽريل به ڏئي.