ڪراچي (نمائندن وٽان) تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جو امير سعد حسين رضوي لاهور مان گرفتار، ڪارڪنن جا سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا، مک رستا سيل، ٽريفڪ جام ٿي وئي، عوام عذاب هيٺا اچي ويو، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان امير سعد حسين رضوي جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سعد حسين رضوي لاهور ۾ هڪ جنازي نماز پڙهڻ کانپوءِ گهر موٽي رهيو هو ته پوليس کيس حراست ۾ ورتو. ترجمان چيو ته حڪومتي حربا اسان جا حوصلا گهٽتائي نٿا سگهن ۽ مارچ ضرور ٿيندو. هوڏانهن لاهور پوليس طرفان اهڙي گرفتاري جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. واضح رهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ فرانسيسي شين جي بائڪاٽ لاءِ 20 اپريل تائين وقت ڏنو هو، مطالبو منظور نه ٿيڻ تي ناموس رسالت مارچ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته امير جي گرفتاري خلاف ٽي ايل پي ڪارڪنن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج مظاهرا ڪري ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيا. ڪراچي ۾ به تحريڪ لبيڪ جا ڪارڪن ۽ حامي روڊن تي نڪري آيا، مختلف علائقن ۾ زوري ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو، جڏهن ته 16 هنڌن تي ڌرڻا روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيا، پوليس تي پٿراءَ، هوائي فائرنگ، لاٺي چارج، 3اهلڪار زخمي ٿي پيا، درجنين مظاهرين گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي جي مختلف علائقن اورنگي ٽائون، بلديه 4 نمبر، حب ريور روڊ، لياقت آباد، ڪورنگي، اسٽار گيٽ، جناح پل، پاور هائوس چورنگي، جي الانا چوڪ، حسن اسڪوائر ناظم اعليٰ ڪٽ ۽ بلوچ ڪالوني وارن علائقن ۾ ڌرڻا هنيا ويا، روڊن تي ٽائر ساڙي ڌرڻا هنيا ويا، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون، اورنگي ٽائون ۽ بلديه ۾ڏنڊا کڻي زبردستي ڪاروبار بند ڪرايو ويو، جڏهن ته گاڏين ۽ ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو، ٻئي پاسي اورنگي ٽائون 5 ۾ پوليس موبائل تي پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، جنهن سبب 3 اهلڪار زخمي ٿيو ۽ موبائل جا شيشا ٽُٽي پيا. بلديه وارو علائقو مڪمل طور بند ڪرايو ويو، ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ روڊ به بند ٿي ويا. ٽاور وٽ پوليس لاٺي چارج ڪري زبردستي روڊ کولرايو، ان دوران ڪيترائي مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي پاسي آءِ آءِ چندريگڙهه روڊ تي شاهين ڪامپليڪس وٽ ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جام رهي، ايم اي جناح روڊ تي سيون ڊي کان ٽاور تائين ٽريفڪ جام رهي. ڪورنگي اڍائي نمبر، اورنگي ٽائون ڪي فور چورنگي، صدر، گورنر هائوس، گارڊن، جيل چورنگي، حسن اسڪوائر، کارادر، بلديه 4 نمبر، لياقت آباد، سهراب ڳوٺ، اسٽارگيٽ، شاهراهه فيصل. نيو ڪراچي، بلال ڪالوني، شديد ٽريفڪ جام هجڻ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. جڏهن ته ڪراچي ۾ موجود فرانسيسي سفارتخاني جي سيڪيورٽي وڌائي وئي، لاهور ۾ 22 هنڌن تي ڌرڻا هڻي روڊ رستا بند ڪيا ويا، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ عوام مشڪلاتن ۾ مبتلا ٿي ويو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ بهارهه ڪوهه ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽريفڪ بند ٿيڻ ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي داخلي رستن کي به بند ڪيو ويو، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ مري ويندڙ رستا به بند هجڻ ڪري ٽريفڪ جام آهي، راولپنڊي ۾ لياقت باغ چوڪ تي به احتجاج ڪري ٽريفڪ کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن هنگامو ۽ پٿراءُ به ڪيو. بهاولپور ۾ ڌرڻي سبب ايمبولنس ڦاسي پئي، ڪيترائي ڪلاڪ رستو نه ملڻ سبب هڪ مريض دم ڏنو. جيڪب آباد ۾ ڪارڪنن اساما شاهه ۽ راشد علي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ميھر شاهه وٽ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين جو قطارون لڳي ويون. گمبٽ ۾ برڪت علي ميمڻ، حسنين ميمڻ ۽ حافظ عبدالوحيد شيخ جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه ڌرڻو هڻي ٻنهي پاسن کان بند ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، مين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پوليس ڪارڪنن تي لٺبازي ڪرڻ بعد 25 کان وڌيڪ مظاهرين کي کنڀي وئي، جڏهن ته 22 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.