ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻارڙن واري ڪيس ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي، پوليس عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته ٻارڙن کي ڪنهن اداري حراست ۾ ناهي ورتو ته پوءِ اُهي ڪيڏانهن ويا؟، گم ٿيل ٻارڙا انساني اسمگلنگ ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، لاڳاپيل ادارن سنجيده قدم ڇا ناهن کنيا؟، عدالت ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ايف آءِ اي کي معاونت جو حڪم ڏئي ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڊي آءِ جي سي آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا اٿئو؟، ڊي آءِ جي ٻڌايو ته لڳي ٿو ڪجهه ٻارڙن جو ذهني توازن درست ناهي، جيڪي گدا گري ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا، عدالت پوليس ۽ ٻين ادارن کي ٻارڙا جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي 10 جون تي اڳڀرائي رپورٽ طل ڪري ورتي.