ماسڪو(م ڊ) روس راڪيٽ حملي ۾ 600 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي بچاءُ واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڪراما تورسڪ واري علائقي ۾ يوڪريني فوج جي عارضي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته راڪيٽ حملي ۾ 600 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا آهن. روسي بچاءُ واري وزارت موجب ڪراما تورسڪ حملو ماڪيوڪا ۾ روسي فوج تي يوڪريني حملي جو جواب آهي. واضح رهي ته گذريل هفتي روس جي قبضي هيٺ علائقي ماڪيوڪا ۾ يوڪريني فوج جي حملي ۾ 89 روسي فوجي ماريا ويا هئا جڏهن ته يوڪرين حملي ۾ چار سئو کان وڌيڪ روسي فوجي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. ٻئي طرف رائٽرز جو چوڻ آهي ته روس جي دعويٰ موجب جنهن هنڌ حملو ڪيو ويو آهي اتي جاني نقصان جا ڪي به آثار نه آهن. ٻئي طرف روس ۽ بيلاروس ايندڙ هفتي گڏيل هوائي فوجي مشقون ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته روس جي حملي بعد هڪ ڪروڙ 40 لک يوڪريني بي گهر ٿيا آهن جن مان 79 لک ملڪ ڇڏي ويا آهن ۽ 59 لک ملڪ اندر بي گهر ٿيا آهن. ڪرسمس جنگبندي ختم ٿيڻ بعد روس وري حملا شروع ڪيا آهن خر ڪيف ۾ هڪ ڄڻو مارجڻ جا اطلاع آهن.