ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور پوليس سرگوڌا واسي کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس موجب ايس ايچ او گيھلپور مقابلي بعد پنجاب جي شهر سرگوڌا واسي حسن رضا کوکر کي بازياب ڪرايو. پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي نھڙ پتڻ ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، مغوي کي اغوا ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ حسن رضا کي اغوا ڪيو ويو هو. هوڏانهن ڪشمور ٿاڻي جي حد ڪچي جي لال بيگ مزاري واري علائقي مان مھينو اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ عبدالرحمان جکراڻي واسي نوجوان غلام حسين جکراڻي گهر پهچي ويو.ذريعن موجب نوجوان جي والد  طرفان قرآن پاڪ کڻي ڪچي ۾ گھمايو، جنهن بعد ڌاڙيلن طرفان آزاد ڪيو آھي، ھڪ مھينو اڳ بُهه جي گاڏين تي مزدوري ڪري گھر واپس ويندي نوجوان کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا ۽ سندس وارثن کان 50 لک ڀنگ به طلب ڪئي وئي هئي.