اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مقرر ٿيل آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملڪ جي 17هين آرمي چيف طور عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين آرمي چيف جي عهدي تي جنرل ضياءُ الحق رهيو، پهرين مارچ 1976ع کان 17 آگسٽ 1988ع تائين 12 سال 5 مهينا 16 ڏينهن آرمي چيف جي عهدي تي رهيو، ٻئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ آرمي چيف جي عهدي تي جنرل پرويز مشرف 6 آڪٽوبر 1998ع کان 28 نومبر 2007ع تائين 9 سال هڪ مهينو 22 ڏينهن رهيو، ٽئين نمبر تي جنرل ايوب خان 16 جنوري 1951ع کان 26 آڪٽوبر 1958ع تائين 7 سال 9 مهينا 10 ڏينهن آرمي چيف جي عهدي تي رهيو، چوٿين نمبر تي جنرل موسيٰ خان 27 آڪٽوبر 1958ع کان 17 جون 1966ع تائين 7 سال 7 مهينا 21 ڏينهن آرمي چيف جي عهدي تي رهيو، پنجين نمبر تي آرمي چيف جي عهدي تي جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ جنرل قمر جاويد باجوا هڪ جيتري مدت تائين رهيا، جنرل اشفاق پرويز ڪياني 29 نومبر 2007ع کان 29 نومبر 2013ع تائين 6 سال آرمي چيف رهيو، جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر 2016ع کان 29 نومبر 2022ع تائين 6 سالن لاءِ آرمي چيف رهيو، ستين نمبر تي جنرل يحيٰ خان 18 جون 1966ع کان 20 ڊسمبر 1971 تائين 5 سال 6 مهينا 2 ڏينهن تائين آرمي چيف رهيو، جنرل ٽڪا خان 3 مارچ 1972ع کان پهرين مارچ 1976ع تائين 3 سال 11 مهينا 27 ڏينهن تائين، جنرل اسلم بيگ 17 آگسٽ 1988ع کان 16 آگسٽ 1991ع تائين 3 سالن تائين، جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ 11 جنوري 1993ع کان 12 جنوري 1996ع تائين 3 سال هڪ ڏينهن تائين، جنرل راحيل شريف 29 نومبر 2013ع کان 29 نومبر 2016ع تائين 3 سالن تائين، جنرل سر ڊوگلز ڊيوڊ گريسي 11 فيبروري 1948ع کان 16 جنوري 1951ع تائين 2 سال 11 مهينا 5 ڏينهن، جنرل جهانگير ڪرامت 12 جنوري 1996ع کان 6 آڪٽوبر 1998ع تائين 2 سال 8 مهينا 24 ڏينهن، جنرل آصف نواز جنجوا 16 آگسٽ 1991ع کان 8 جنوري 1993ع تائين هڪ سال 4 مهينا 23 ڏينهن آرمي چيف جي عهدي تي رهيو، جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ عرصي لاءِ آرمي چيف جي عهدي تي جنرل گل حسن خان رهيو، جنرل گل حسن خان 20 ڊسمبر 1971ع کان 2 مارچ 1972ع تائين 2 مهينا 11 ڏينهن تائين آرمي چيف رهيو، ملڪ جو سڀ کان پهريون آرمي چيف (ڪمانڊر ان چيف) جنرل سر فرانڪ والٽر 15 آگست 1947ع کان 10 فيبروري 1948ع تائين 5 مهينا 26 ڏينهن تي عهدي تي رهيو.