راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته تمام جلد گمنامي ۾ هليو ويندس پر پاڪ فوج سان روحاني رشتو قائم رهندو، جي ايچ ڪيو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪ فوج سان سڄي زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيڻ تي الله جو شڪرگذار آهيان ته ان مونکي هن عظيم فوج ۾ ملازمت جو موقعو ڏنو ۽ هڪ بامقصد زندگي عطا ڪئي، جنرل (ر) قمر باجوا چيو ته اميد آهي ته جنرل عاصم منير جي ترقي ملڪ ۽ فوج جي ڪاميابي جو سبب بڻجندي، جنرل عاصم منير سان منهنجو 24 ورهين جو تعلق آهي، هو حافظِ قرآن هجڻ سان گڏپيشيور، باصلاحيت ۽ اعليٰ اصولن وارو قابل آفيسر آهي، يقين آهي ته فوج سندس قيادت ۾ نيون منزلون طئي ڪندي ۽ سندس مقرري مثبت ثابت ٿيندي، خوشي آهي ته فوج هڪ فخر جوڳي ۽ قابل آفيسر حوالي ڪري وڃي رهيو آهيان، هن چيو ته اڄ کان 44 سال پهرين منهنجو فوجي سفير شروع ٿيو، جيڪو پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي، الله جو شڪر آهي هن بهادر ۽ عظيم فوج ۾ نوڪري جو موقعو مليو، پاڪ فوج جي ڪمال ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، جنرل (ر) قمر جاويد باجوا چيو ته 6 ورهين جي دور ۾ ايل او سي جي معاملن، دهشتگردي، امن امان ۽ قدرتي آفتن سان مقابلو ڪيو، فوج سدائين منهنجي آواز تي لبيڪ ڪيو، مون جتي ان کان پگهر گهريو، انهن تي رت ڏنو، فوج جي ان قربانين جي ڪري اڄ ملڪ ۾ امن آهي.اڳوڻي آرمي چيف چيو ته پنهنجي فوج تي فخر آهي، جيڪا گهٽ وسيلن باوجود سياچن کان ويندي ريگستان تائين سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي، هي لسانيت، رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کان مٿانهين ٿي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪندي آهي، يقين آهي ته ايندڙ وقت ۾ فوج جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ ان کان وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪندي.هن چيو ته آئون تمام جلد گمنامي ۾ هليو ويندس پر فوج سان روحاڻي تعلق هميشه قائم رهندو، جڏهن فوج جي ڪاميابي ٿيندي ته خوشي ٿيندي،جڏهن فوج تي ڏکيو وقت ايندو ته منهنجون دعائون اوهان سان گڏ هونديون.