رياض (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ي صورتحال ۽ ٻين چيلنجن تي غور ڪيو ويو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ بچاءَ واري نائب وزير شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقاتون ڪيون، ان دوران خطي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سعودي ولي عهد علائقائي امن ۽ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ حرمين شريفين جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، سعودي ولي عهد چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن، مسلمان امت جي امن، استحڪام ۽ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.