ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) جماعت اسلامي کي فارم 11 جي درستگي سان  وڌيڪ 2 سيٽون ملي ويون،  پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي هڪ هڪ سيٽ وڃائي ويٺيون، جماعت اسلامي 86 مان 88 ، پي ٽي آءِ 40 مان 39 ۽ پيپلز پارٽي 93 مان 92 تي پهچي ويون، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ جي حوالي سان جماعت اسلامي پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽيءَ کان ٻه سيٽون کسي ورتيون، غير حتمي نتيجن موجب اورنگي ٽائون جي يوسي 6 تي فارم 11 جي درستگي بعد جماعت اسلامي جو اميدوار حاشر عمر 4252 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته انهي يوسي تان کٽيل  پي ٽي آءِ جو اميداور شاهه جي خان 3 هزار 77 ووٽ کڻي هارائي ويو، ٻئي طرف ضلعي اوڀر جي  صفورا ٽائون جي  يوسي 01 تان جماعت اسلامي جو اميدوار حبيب الرحمان 1824 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ، جڏهن ته انهي سيٽ تي به پيپلز پارٽي جو اميدوار بادشاهه دين مسعود 1761 ووٽ کڻي هارائي ويو، اها سيٽ جماعتي اميدوار 18 ووتن تان هارائي هئي، جيڪا فارم 11 جي درستگي بعد 24 ووتن جي ليڊ ۾ تبديل ٿي وئي، تازن  نتيجن بعد جماعت اسلامي جي ڪل سيٽن جو انگ 88 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي کي 92 ۽ پي ٽي آءِ کي 39 سيٽون مليون آهن، هوڏانهن صوبائي اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته 235 يوسيز جا حتمي نتيجا گڏ ڪيا پيا وڃن، حتمي نتيجن جو اعلان جلد ڪيو ويندو،