ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) جماعت اسلامي پاران 9 يوسيز تي ٻيهر ڳڻپ تائين ميئر لاءِ ڪنهن به سياسي جماعت سان اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو: ڪراچي ۾ ڌانڌلين خلاف مختلف شهرن ۾ ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جو هنگامي اجلاس مولانا سراج الحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾جماعت اسلامي جي امير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان  مڪاني اليڪشن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي جي عوام اسان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جماعت اسلامي سڀني کان وڌيڪ سيٽون کٽيون آهن پر آر اوز ڪجهه نتيجا تبديل ڪيا آهن، جنهن جي اجلاس ۾ مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جن 9 يوسي سيٽن تي جماعت اسلامي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري پئي، انھن تي ٻيھر ڳڻپ ٿيڻ تائين ميئر جي حوالي سان ڪنهن به پارٽي سان اتحاد جو فيصلو نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ نتيجن ۾ مبينا تبديلي خلاف حافظ نعيم الرحمان کي ڪارڪنن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ جي ھدايت ڪئي وئي، ٻئي طرف ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران ڊي سي ويسٽ جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو، پوليس جماعتي اميدوار ابو الضياءِ  سميت 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو، هوڏانهن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير  حافظ نعيم هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي  چيو ته اساوٽ پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جا آپشن  کليل آهن، ڪراچي جو ميئر اسانجو ٿيندو، باقي ڊپٽي ميئر ڏيڻ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، هن چيو ته  اسان اتفاق راءِ چاهيان ٿو، عوام کي مايوس نه ڪندس، توهان اسان جو سيٽون ڏسو، اسان کي پيل ووٽن جو انگ ڏسو، اسان پي ٽي آءِ کي سپر سيڊ ڪيو آهي