ڪراچي: پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ڪاميابي ڏسي حيرت کائيندڙن کي اها خبر هجڻ گھرجي ته پيپلز پارٽي جا ڪراچي ۾ 5 قومي ۽ 7 صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آهن، حافظ نعيم جي پارٽي جو نه پر  متحده مجلس عمل جو رڳو هڪ ايم پي اي آهي، نتيجا پيپلز پارٽي جا نه پر جماعت اسلامي جا حيرت انگيز آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي نتيجن تي  اعتراض آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن وٽ چيلينج ڪن، اسان به مختلف يوسيز تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، ڪراچي شهر جي مفاد لاءِ گڏجي هلڻ بهتر آهي، گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي ٻهراڙي  جي نه پر وفاقي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ وارا انهي قابل ئي ناهن جو  انهن تي ڳالهائجي. هن چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جماعت اسلامي پهرين نمبر تي آهي، اسان مڪاني اليڪشن کان اڳ ئي چيو هو ته مقابلو پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جو ئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چونڊن واري  ڏينهن شام جو 5 وڳي چئي ڇڏيو هو ته پي ٽي آءِ ڪامياب ٿي آهي، هن چيو ته ڪراچي وارن پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي کي مينڊيٽ ڏنو آهي، اسان جا کٽيل ميمبر 93  نه پر 95 کان 96 ٿيندا، اسان جي  مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي، هن چيو ته سڀئي پارٽيون پنهنجو ميئر آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن 10 سيٽون رکندڙ پرويز الاهي پنجاب جو وزيراعليٰ ٿي سگھي ٿو ته هتي به ڪجهه به ٿي سگھي ٿو، هن چيو ته جماعت اسلامي اسانجي مينڊيٽ کي تسليم ڪري، اسان ڳالهيون ڪرڻ ۽ رستو ڪڍڻ لاءِ  تيار آهيون، باقي جتي جتي جماعت اسلامي کي خدشا آهن، اهي اتي قانون موجب ڪارروائي ڪن، هن چيو ته مڪاني اليڪشن جا نتيجا 30 ڪلاڪ ۾ اچي ويا، جڏهن ته  صوبائي اسيمبلي جي نتيجن ۾ 4 ڏينهن لڳا هئا، هن چيو ته ڪي ايم سي جو ايوان 367 جو آهي، جڏهن ته چونڊ 235 تي ٿي آهي، هن چيو ته اسان ضلعي ويسٽ ۾ 6، ملير ۾ 4، سائوٿ ۾ 3، ايسٽ ۾ 4 ٻيهر ڳڻپ واريون درخواستون ڏنيون آهن، هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي ته پيپلز پارٽي جماعت اسلامي کي ميئر جو عهدو ڏيڻ وڃي رهي آهي،هن چيو ته پرويز الاهي پاران جماعت اسلامي کي ڊائريڪشن (هدايت ) ڏني وئي آهي ته پيپلز پارٽي سان گڏجي ميئر نه آندو وڃي، هاڻي ڏسڻو آهي ته جماعت اسلامي جو امير سراج الحق آهي يا پرويز الاهي؟  هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ لانڍي ٽائون جا نتيجا سڀ کان دير سان آيا، جتان جماعت اسلامي ڪامياب ٿي آهي، اوڀر مان جماعت اسلامي جا 14 ۽ پيپلز پارٽي جا 4 رڳو ميمبر ڪامياب ٿيا آهن.