جعلي ڊگري ڪيس: شعيب شيخ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
294

سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي ڊگريز واري ڪيس ۾ ايگزٽ جي سي اي او شعيب شيخ ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي جوابدارن خلاف ٺوس ثبوت پيش نه ڪري سگهي

 جسٽس عمر سيال ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته توهان عائشه شيخ ڪيس ۾ جمع ڪرايل حلف نامي ۾ چيو آهي ته ايگزٽ جو ڪاروبار قانوني آهي

عدالت سوال ڪيو ته ڇا اهو حلفي بيان رڳو عائشه شيخ جو آهي يا سمورن جوابدارن جو آهي؟

 جاچ آفيسر سعيد احمد چيو ته اهو حلف نامو سمورن جوابدارن لاءِ آهي

جسٽس عمر سيال پڇاڻو ڪندي چيو ته جيڪي ڳالهيون توهان هاڻي ڪري رهيا آهيو اهي اڳ ڇو نه ڪيون؟ هي ماڻهو 8 سالن کان ڪيس کي منهن ڏئي رهيا آهن

 جاچ آفيسر چيو ته مون کي پهرين آن لائين ايجوڪيشن جي خبر نه هئي، جسٽس عمر سيال چيو ته ان سان ملڪ جي وڏي بدنامي ٿي هوندي، عدالت جاچ آفيسر جي بيان کانپوءِ سمورن جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

هي به پڙهندا

پاناما پيپرز کانپوءِ پينڊورا پيپرز به ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا شامل

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ ٻن هفتن لاءِ معطل