ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتي آپريشن جو فيصلو: فوج، رينجرز،  بلوچستان ۽ پنجاب پوليس کان مدد طلب، آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ ملٽري گريڊ جي جديد ھٿيارن جي خريداري لاءِ  2.79 ارب رپيا منظور، سنڌ جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي بلوچستان ۽ پنجاب جي آءِ جيز سان رابطا ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو، ڪالهه وڏي وزير مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گھرو کاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي بريفنگ ڏيندي  چيو ته سنڌ جي گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور  ضلعن جي ڪچي ۾ ڌاڙيل خلاف آپريشن ۽ نگراني لاءِ فوجي گريڊ جي جديد فيلڊ هٿيارن ۽ ڊراون ڪيميرائن جي ضرورت آھي، ايپيڪس ڪاميٽي جي 5 جنوري واري اجلاس ۾ پڻ آپريشن لاءِ جديد هٿيارن جي خريداري جي سفارش ڪئي وئي ھئي،  ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري لاءِ 2.79 ارب رپين جي ضرورت آھي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڌاڙيلن خلاف  آپريشن ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي پوليس،  رينجرز ۽ پاڪ فوج جي سهڪار سان شروع ڪيو ويندو. ڪابينا آپريشن واري تجويز جي منظوري ڏيندي جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ 2.79 ارب رپين جي منظوري پڻ ڏني، ڪابينا  گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته هٿيارن جي خريداري لاءِ وفاقي گهرو وزارت کان اين او سي ورتي وڃي. ناڻي کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته حڪومت آءِ ٽي سان لاڳاپيل 3871 ڪمپيوٽر آپريٽرز/ليب اٽينڊنٽ، هارڊويئر پوسٽن جي پوسٽن کي  اپ گريڊ ڪري چڪي آهي، هن وقت گريڊ 5 کان 16 تائين جون 3264 پوسٽون رهيل آهن، انهن پوسٽن جي اپ گريڊيشن سان ساليانو 243.706 ملين رپين جو مالي ٻوجهه پوندو. ڪابينا اپ گريڊيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي.  چيف سيڪريٽري ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ 18 مارچ 2020 تي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويو، 3 مارچ 2023ع تائين حڪومتي ادارن وٽان 3312.93 ملين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا، سي اي ايف ڪاميٽي سموريون مالي ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪري ڪورونا وائرس ايمرجنسي فنڊ بند ڪرڻ جي سفارش ڪري چڪي آهي. جنهن بعد سنڌ ڪابينا ڪورونا فنڊ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته بچي ويل 35734486 رپيا ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير تي خرچ ڪيا ويندا.