ملير: بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڳوٺن تي چڙھائين خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ سنڌ انڊيجينيس الائنس پاران اڄ احتجاج ڪيو ويندو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي پڌرائي موجب اڄ پارٽي ڪارڪن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي جي صورت ۾ چاچا فيض محمد گبول ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن ۾ پهچي متاثرن سان يڪجهتيءَ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ترقيءَ جي نالي تي ڪابه والار ۽ دهشتگردي قبول نه ڪئي ويندي. اهڙي عمل خلاف سنڌ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ مزاحمت ڪبي. ٻئي طرف سنڌ انڊيجينيس الائنس پاران پاران پڻ اڄ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪيو ويندو.