ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون انتظاميا پاران قديم ڳوٺن ۽ زمينن تي قبضي خلاف قديم آبادين علي داد ڳوٺ، درياخان ڳوٺ، داد رحيم بلوچ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين سان يڪجهتي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پارٽي اڳواڻن روشن ٻرڙو، اعجاز سامٽيو، منير مگسي ۽ ٻين سان گڏ متاثر ڳوٺن ۾ پهتو. اڳواڻن چاچا فيض محمد گبول جي پٽ مراد گبول ۽ ٻين سان ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاھ چيو ته بحريا ٽائون جي قبضن ۾ سنڌ سرڪار ۽ زرداري سڌي طرح ملوث آهي. جلال محمود شاھ چيو ته جيڪڏهن هي ڳوٺ نه بچيا ته پوءِ ڪوبه ڳوٺ بچي نه سگهندو. هن جو چوڻ هو ته عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل نمائندا عوام کان اجھا کسجڻ خلاف اسيمبلي اندر ٻه لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن، بلڪه پوليس توڙي رينجرز ملڪ رياض جي هر غيرقانوني ڪم ۾ سندس سهولتڪار بڻيل آهي. هن چيو ت سپريم ڪورٽ واضح فيصلو ڏنو آھي جنهن ۾ ھن بحريا انتظاميا کي پابند بنايو ويو ته ڏنل حدن اندر 16 هزار ايڪڙن کان ٻاهر نه نڪرن، ان جي باوجود ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي 70 هزار ايڪڙن تي زبردستي قبضا ڪري ڳوٺاڻن کان اباڻا اجها خالي ڪرايا پيا وڃن، جيڪا سراسر ناانصافي آھي. هن وڌيڪ چيو ته ترقيءَ جي نالي تي مسڪين ماڻهن سان ظلم ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هر سازش ڪندڙن خلاف ڀرپور مزاحمت جو حق رکون ٿا. اعجاز سامٽيي، روشن علي ٻرڙي، مخدوم شمس، منير نائچ، منير مگسي، ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ايس يو پي ملير جي قديم ڳوٺن جي تحفظ لاءِ هر قدم تي مزاحمت ڪندي، قديم وسندين جي هر حالت ۾ حفاظت ڪنداسين. بعد ۾ ايس يو پي سربراھ جي اڳواڻيءَ ۾ بحريا ٽائون جي مک دروازي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪارڪن ”ڳوٺ ڊاهڻ بند ڪيو“، ”دهشتگردي نامنظور“ جا نعرا هڻندا رهيا. هنن مطالبو ڪيو ته ملير جي ڳوٺن کي بنيادي سهولتون ڏئي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.