پيرجوڳوٺ (ن پ ا) جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين سيد احمد مجتبيٰ راشدي جي 10 ورسي انتھائي سادگي سان ملھائي وئي. ان موقعي تي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر، اياز ڪورائي، اصغر ڪورائي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين امجد مهيسر چيو ته سيد احمد مجتبي راشدي سنڌ جو سچو عاشق ھو سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ زندگي گذاري ڇڏي سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙن توڙي سنڌ سان ناانصافين بابت ھميشه زبردست ڪردار ادا ڪيو کيس اسين سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ھميشه کيس ياد رکيو ويندو.