ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ سمن ڳوٺ اسٽاپ ڀرسان عابدين پمپ لڳ سرن جي بٺي تي پورهيو ڪندڙ ڀيمون ڪولھي جو 3 سالن جو معصوم پٽ راج ڪمار جيڪو پنهنجي پيءُ سان گڏ سمن ڳوٺ اسٽاپ تي شيءِ وٺڻ لاءِ آيو ته اوچتو غم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي. نينگر جا والدين سخت پريشان بڻيل آهن اسٽاپ تي موجود نينگر جي مائٽ ڪامريڊ جيون ڪمار جو پنهنجي اخبار سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته واقعي ٿوري دير ٿي آهي ٻالڪ راج ڪمار پنهنجي پي سان گڏ سمن ڳوٺ اسٽاپ تي شيءِ وٺڻ لاءِ آيو هو جيڪو اوچتو غم ٿي ويو اسان پاڻ ڳولا پيا ڪيون ڀڳوان ڪري غريب جو ٻار هٿ اچي وڃي.