جروار (ن پ ا) جروار پوليس گهوٽڪي جي رهواسي عمران گهوٽو کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪنڊير شاخ پڪٽ تي هٿڪڙيون هڻي بند ڪري ڇڏيو، اهلڪارن کي ننڊ اچڻ تي ڳوٺاڻو پڪٽ تان فرار ٿي ويو، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، نوجوان جروار ٻيلي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پناهه ورتي، ڳوٺاڻن فرار ٿيل ڳوٺاڻي کي ٻيهر جروار پوليس حوالي ڪيو، هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو هو نه ئي ڪو فرار ٿيو، هٿڪڙين سان فرار ٿيندڙ عمران گهوٽو گهوٽڪي جي ڳوٺ ادلو گهوٽو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، عمران گهوٽو جي ماسات ضمير گهوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ گهوٽڪي پوليس ڳوٺ مان سپاهي پرويز گهوٽو جي اوطاق تان گرفتار ڪيو هو، گهوٽڪي پوليس عمران جي آزادي لاءِ پنج لک گهريا نه ڏيڻ تي جروار پوليس کي ڏنو ويو، جروار پوليس هن کي ڪنهن ڳوٺ ۾ لڪايو هو جتان وجهه وٺي نڪتو ته ڀرسان ڳوٺ پپلي جي ڳوٺاڻن هن کي پڪڙيو ۽ ٻيهر جروار پوليس کي ڏنو ,هن وڌيڪ چيو ته پوليس بنا جواز گرفتار ڪيو آھي ,هاڻي اسان کي خطرو آھي ته ڪٿي پوليس ھاف فراءِ نه ڪري ڇڏي.