ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سرڪاري پناهه گاهه ۾ خيرپورواسڻ عورت سان ملڻ نه ڏيڻ تان مبينا هنگامو، عورت جي وارثن سميت 9 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ عائشه منزل واري علائقي ۾ واقع شيلٽر ھوم ۾ خيرپورواسڻ عورت پرھ شورو سان سندس وارث ۽ اين جي او جا اڳواڻ ملڻ آيا هئا، انتظاميا طرفان پرهه سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ تان مبينا طور هنگامو ٿيو، اطلاع تي پوليس پهچي پرهه شوري جي چاچي لطف شورو، بادل ھاليپوٽو، معشوق ڪلھوڙو، رياض راجپوت، رخسانه قائمخاني، اسلم شورو سميت 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدارن پناهه گاهه ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊرائيور ۽ گارڊ تي تشدد ڪيو. پوليس موجب گرفتار ٿيل پرهه شورو سان سندس ٻارن کي ملرائڻ آيا هئا، هنن اجازت نه ملڻ تان هنگامو ڪيو، ٻئي طرف پپو شورو ٻڌايو ته انتظاميا پرھ شورو جي وارثن کي ملاقات کان روڪي سڀني کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو.