ايوب کوسو
جَهنگن ۾ ڪُهاڙي پَئي ۽ هَر سان مِٽي پَرڻي،
ڪوڏر جي سُرن تي پيون ڳيچن جون سَڳيون مُرڪي،
سَرنهين مان سُڳند آئي ڪڻڪن ۾ سَنجها ڀُڻڪي،
وونئڻن ۾ ڦُٽي ڦاٽي ، تهذيب پئي جاڳي،
موئن جي دڙي ۾ هو ٿيو رقص سمبارا جو،
سامونڊي سفر ڏوري احوال هينئَن اوريا،
پتڻن تي جواڻين کي سج لَهندي چُمي ارپي،
راتين ۾ رليون ٻَهڪيون ڀاڪر ها گُلابن جا،
مَچ ، ميڙ ، ڳُجھارت، نَڙ کُنهبو ٿيو وطن سارو،
هِن دل جي ثقافت کي محبوب اکين پاليو،
دلدار صداقت کي هارين جي دلين سانڍيو،
وحشين جي اندر ۾ پر سازش جا ڪينئان جاڳيا،
منحوس گِگون ڳاڙي بگهڙن جا ولر نڪتا،
تاراج ٿيون جھوليون آواز وڙهيا ڌاريا،
سيوهڻ ۾ نَچيون تَبرون ديبل کي لڳي ڪاتي،
مڪلي ۾ ڪُڏيا نيزا، مائن جي سُڪي ڇاتي،
پرڏيهي آفيمي کِل هر سينڌ هتي ساڙي،
مخمور ڪارونجهر جي سيني ۾ کُتي گولي،
پر مور ٽهوڪن کي ماري نه سگهيا رهزن،
۽ روح روهيڙن جو ميٽي نه سگهي مقتل،
هڪ عشق نئين سان هِيءَ آ سنڌ سدا جاڳي،
تاريخ گواهه آهي ڇيرن سان ڇَريل آهيون،
پر پنهنجي مٽي جي ئي ڀاڪر سان ڀريل آهيون.
جوکن ۽ دولابن ۾ محبوب وطن منهنجي،
ٻولي نه وِڃائي آ ، تهذيب اُها ئي آ ،
ٽوپي جي ٽڪُن ۾ ڏِس ساڳي ته سُهائي آ.
اجرڪ آ جھنڊو قومي هر دل جي گواهي آ.