سعودي عرب ۾ به ايڪتا جا رنگ

0
256
سعودي عرب ۾ به ايڪتا جا رنگ

 سنڌ واسين هميشه پنهنجي ثقافت سان وڏي دل جو مظاهرو ڪندي محبت جو اظهار ڪيو آهي، پوءِ اهي سنڌ واسي دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به موجود ڇو نه هجن، پر هر سال ان ڏينهن تي ايڪتا جو انداز ضرور اپنائن ٿا ۽ هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا جتي سندن ڪلهن تي اجرڪ هجن ٿا ۽ مٿي تي ٽوپي پهريل هجي، اهي منظر ڏسي ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنهن ٻئي ملڪ نه پر پنهنجي وطن ۾ ماڻهو موجود هجي، اهڙو ئي ڪجهه سعودي عرب ۾ به ٿيو،

سعودي عرب جي شهر جدي ۾ به پنهنجي ثقافت سان پيار جي اظهار لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪامريڊ طارق ڀرڳڙي، سجاد شيخ، ديدار لنڊ، عبدالرحمان رودڻاڻي،جمن بلوچ، عامر خشڪ، رفيق مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، استاد سڪندر سنڌي، اختر سخيراڻي، ايم خان کونهارو، عباس سيال، فقير اعجاز تيوڻو، رضوان لاشاري به ايڪتا جي وچڻ واري پروگرام جو حصو هئا، فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، سنڌ ڌرتي، سنڌ ڌرتي جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ثقافت توڙي تاريخ کي اجاگر ڪيو ويو، سنڌي گيتن سنڌ واسين کي جهومائي ڇڏيو.