شڪارپور: شڪارپور ضلعي اندر ناسور بڻجي ويل خوني تڪرارن سبب جهيڙيندڙ ڌرين جا علائقا مخالفن جي اچ وچ لاءِ مڪمل طور نوگو ايريا بڻيل آھن ۽ ڄاڻايل ڳوٺن جا اسڪول بند هجڻ ڪري ڌرين اسڪولن مٿان مورچا قائم ڪري ورتا آھن جنهن سبب سندن معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي جيڪي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب کڻڻ بدران هٿيار کڻي گهمندي نظر اچن ٿا. تڪرارن سبب ڳڙھي تيغو واري علائقي سميت ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽه پرائمري اسڪول، ڳوٺ قادر بخش بروهي پرائمري اسڪول، محمد اسماعيل جتوئي، ساماڻو جتوئي، شير علي جتوئي، سومر بڊاڻي، قطب داروغو، صوبدار جتوئي، منشي شهزادو جتوئي، ڳوٺ حاجي حمل شر، ڳوٺ سوڀو خان شر، عطراڻي غلام رسول، شاهد عطراڻي، غلام رسول شادنجو، پير ڳوٺ ڏنو، عبدالڪريم، حاجي شير خان جتوئي، عبدالرحمٰن جتوئي، دلڻ خروس، عبدالصمد جتوئي، رجب تڙت، ميرواهه، ڳوٺ محمد اسماعيل جتوئي، ڪرنل اسماعيل، گيلو بڊاڻي، شاهن بڊاڻي، گورو بڊاڻي، ٻٻر بڊاڻي، مصري شهڪاڻي، عبدالڪريم ڪوش، سلطان ڪمالاڻي، صوبدار شادنجو، بيبرڪ فقير ڪمالاڻي، جوايو ڪمالاڻي، بخش علي عطراڻي، قطب علي داروغو، چيمن سک پور، پير دوست محمد بخاري، سومر بڊاڻي، علي خان جتوئي، ڪريم ڏنو بڊاڻي، شير علي جتوئي، ولي داد ملڪ، مجيد ڪوري، عبدالفتاح ڪلهوڙو ون، ٽو، سردار حاجي خان ڪلهوڙو ون، ٽو، ٿري، شاهه محمد ڪلهوڙو ون، ٽو، قادر بخش جتوئي، قادر بخش عطراڻي، علي حسن دوداڻي، سميت 87 کان وڌيڪ اسڪول قبيلائي جھيڙن سبب مڪمل طور تي بند پيل آھن.