توھان رڳو تماشو ڏسو پيا، ڪچيون آباديون ته ايس بي سي اي کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

0
169

توھان رڳو تماشو ڏسو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ شانتي نگر ڪچي آبادي ۾ عمارت ٺاھڻ بابت ڪيس جي ٻڌني دوران ڊي جي ايس بي سي اي تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ توهان رڳو تماشو ڏسي رهيا آهيو، هڪ عمارت ڊهَي ته 50 ماڻهو مري ويندا، ڪچيون آباديون ته ايس بي سي اي کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن

 سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شانتي نگر ڪچي آبادي ۾ عمارت ٺاهڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايس بي سي اي تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو، جسٽس حسن اظهر رضوي ايس بي سي اي جي وڪيل کي ڇنڊ ڪڍندي چيو ته اسان کي نه ٻڌايو ته قانون ڇا آهي؟ هڪٻئي تي بار رکڻ بدران عمل ڪري ڏيکاريو، ڪچين آبادين ۾ عمارتن کي ڪير ڪنٽرول ڪري ٿو؟

 ايس بي سي اي جي وڪيل طرفان ڪچي آبادين ۾وڏي پئماني تي غيرقانوني عمارتن جو اعتراف ۽ ڪارروائي کان لاچاري ظاهر، عدالت چيو ته مطلب ڪچين آبادين ۽ ڳوٺ آباد علائقن ۾ ڪير به ڪارروائي ڪرڻ وارو نه آهي، ليز ڪينسل ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ شاهه لطيف سينٽر ۾ عمارت خلاف فوري ڪارروائي جو حڪم، ڊي جي ايس بي سي اي کان 12 اپريل تائين رپورٽ طلب ڪئي وئي آھي