توکي چاھي ٿو مختيار گھڻو !

0
166

توکي چاھي ٿو مختيار گھڻو

ان جو آتوسان پيار گھڻو

مونکي پنھنجي پرين جو اوسيئڙو

چنڊ  تون ڇو آن بيقرارگھڻو

 سنڌي ادب جي نرالي شخصيت جديدسنڌي ادب جي  سرجڻھارمحقق موسيقي جي پارکو  ٻاراڻي ادب کان سنڌي ادب ۾ وکون کڻندڙ“ٽم ٽم ٽانڊاڻا” جي تخليقار  مختيار ملڪ کي سندس جنم ڏينھن تي واڌايون ۽ علمي ادبي خدمتن جي عيوض چند لفظن جي ڀيٽاڏيڻ لاءِ هي تحرير شايد گهٽ هجي ڇو ته مختيار ملڪ پنھنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب جي خدمت ۽ ان جي اوسر ۾ پاڻ پتوڙيندي گذاري آھي. سنڌي ادبي سنگت جو پليٽفارم ھجي يا ريڍيو پاڪستان ھن نون دوستن کي متعارف ڪرايو ۽ ھمٿائندي اڳٿي وڌڻ ۽ ادبي اوسر ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي. مختيار ملڪ پنھنجي شاعري جي شروعات ٻاراڻي ادب کان  ڪئي “ٽم ٽم ٽانڊاڻا” مختيار ملڪ جي شاعري جو پھريون ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو.

                 جيڪڏھن مختيار کي سلڇڻوٻارچوان ته ان م وڌاءُ ڪونھي ڇو ته ھن پنھنجي شاعري جي شروعات ٻاراڻي ادب کان شروع ڪئي.مان مختيار ملڪ کي ان وقت کان سڃاڻان جڏھن ھن وسيم سومرو سان خيرپور جي پبلڪ لائبريري ھاڻوڪي سچل سرمست لائبريري م ھڪ سرھي شام ملھائي ھئي.شاھه عبداللطف يونيورسٽي جي لان تي شاعر اسٽيج جي ڀر ۾ رکيل ڪرسين تي ويٺي اديبن سان ادبي ڪچھريون ٿينديون ھيون. ھا عجيب دور ھو ماضي ٿي ويو، دوستي جي هام ھڻندي ھلبو رھبو ھو، رولاڪين جي پنڌ ۾  ڪڏھن استاد غلام عباس جي آستاني تي موسيقي جي سرگم ۾ گم ٿي  وڃبو ھو  ته ڪڏھن ڊاڪٽرتنويرجي ڪلينڪ تي ته ڪڏھن حيدري ھوٽل ته ڪڏھن نظام زائر جي آفيس جي ان ڇپري ۾ ويھي سنڌي ادب تي گفتگو ڪندي، ڪڏھن سنڌي  ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ ڪيئي پل گذري ويندا ھئا. وقت جي ڪائي ڪل نه پوندي ھئي

ڇو ته ان وقت خيرپور ۾ اديبن جا ٽولا ٽولا ڪونه ھوندا ھئا جيئن ھن وقت ھر ھڪ جي پنھنجي  پنھنجي ڪني چڙھيل آھي. الائي ڇو خيرپور جي ادبي حلقي م ڏار پئجي ويا ،ڪنھن وڌا. ان وقت مان بلوچستان ۾ ھيس پيٽ جي رولاڪين وڃي جبلن ۾ ڦٽو ڪيو ھو، نوڪري جي سفر پوري ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ۾ رھائش اختيار ڪيم ته ان دوران ڪک پن کان ڌار ھيو، نه اھي ادبي سرگرميون نه اھي مشاعرا  ھر ھڪ وڃي پنھنجي ڪنڊ وسائي.  انتظار جا اولڙا ته ڪڏھن ٿيون اھي شامون موٽن پر سڀ جو سڀ وقت جي لھرن ۾ گم ٿي ويون ڇوته ھتي ھرڪو پنھنجي پنھنجي قدکي مٿانھون ڪري بيٺل آھي. ڪوئي نوڙڻ لاءِ تيار ئي ناھي ڇو جو ان وقت جا ننڍا ننڍا ٻالڪ جواني جون حدون اورانگهي اٻالڪ جوان ٿي ويا آھن، انھن جي تخليقي سوچن ۾ پنھنجو پنھنجو چس آھي پنھنجي پنھنجي خوشبوءَ آھي جيڪا خوشبوءَ سنڌي ادب ۾ مڙني پاسن کي واسي ٿي انھن جون لکڻيون چاھي نثر ۾ ھجن چاھي نظم ۾ ھجن ھر ھڪ جي لکڻين ۾ پنھنجو مٺاس آھي.

مختيار ملڪ جي شاعري جدت سان ڀرپور جنھن ۾  ھن جي احساسن جو پنھنجو رنگ سمايل آھي. اھڙن جذبن احساسن کي سھيڙيندي ھڪ ٻيو شاعري جو ڪتاب اماس ۾ به سوجھرو سنڌي ادب جي پڙھندڙن کي ڏنو آھي جنھن ۾ مختيار ملڪ جي جذبن جي اپٽار ۽ ھن جا احساس شامل آھن اھڙائي جذبا،

ڪي پھرگذاريا ھونداسين

۽ ٽھڪ لڳايا ھونداسين

اڄ ڏور رھون مختيار پيا

ڇا ان لئي ڄايا ھونداسين

مختيار ملڪ سنڌي ادب م ھڪڙو وڏو نانءُ جنھن جي ڇانو ۽ شفقت سان ھتان جا ڪيترائي سنڌي ادب جا ھن وقت وڏا نالي وارا اديب شاعر ٿيا  جن کي مختيار ملڪ ادب جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ انھن کي اڳتي آڻڻ ۾ مختيار ملڪ جو وڏو عمل دخل رھيو آھي. مختيار ملڪ ڌرتي ۽ سرتي سونھن جو شاعر آھي،  جنھن جي شاعري رومانوي آھي ڊاڪٽر تنوير چيو  ته شاعري ۾ اھا رومانيت يا ته مطالعي جي سھاري ھوندي آھي يا تصوراتي يا پنھنجي  محسوس ڪيل جذبن جي سھاري، ته مختيار ملڪ جا احساس جذبا اھو ٻڌائين ٿا ته ھن گھڻو تڻو وقت پنھنجي محبوب جي انتظار ۾ گھاريو آھي. چنڊ کي مَيارون ڏيندي چوي ٿو ته

مونکي پنھنجي پرين جو اوسيئڙو

چنڊ تون ڇو آن بيقرار  گھڻو

جڏھن ڪي ڪنھن جا احساس جذبا وجداني ڪيفيت اختيار ڪندا آھن ته پنھنجي آس پاس واريون سڀ شيون ان ئي رنگ ۾ محسوس ڪندو آھي تڏھن چنڊ کي به پاڻ جيان بيقرار ٿو محسوس ڪري اھي ئي ته ڪيفيتون ھونديون آھن. ھڪجهڙيون ھونديون آھن ھڪ حساس دل رکندڙ شاعر جون. مختيار ملڪ شاعري جي مڙني صنفن تي لکيو آھي ۽ ھن  جي شاعري جدت سان ٽمٽار  جن ۾ پنھنجو چس آھي. مختيار ملڪ جا ھائيڪا ۽ ترائيل پڙھڻ وٽان آھن ھن جي لکڻ جو پنھنجو منفرد انداز رھيو آھي مختيار ملڪ کي جنم ڏينھن تي کوڙ  ساريون واڌايون.