ڇا منڇر ڍنڍ جي بحالي ممڪن آهي؟

0
180

                 پنهنجي اخبار ۾ 9 ڊسمبر تي هڪ خبر  لڳي، جنهن ۾ هيٺيون ٽي ڳالهيون ڪيون ويون:

(1) آر بي او ڊي ٺاهڻ بند ڪجي (2) سيوهڻ بيراج ٺاهڻ کپي (3) قدرتي لنگهه انگريزن جي دور ۾ بند ٿيا

                 پهرين ڳالهه آر بي او ڊي ٺاهڻ بند ڪرڻ بابت هئي. آر بي او ڊي ٺاهڻ بند ڪجي ته پوءِ ان جي بحالي ڪيئن ٿيندي؟ اتي ماڻهن جو روزگار آهي، آبادگار جڏهن منڇر ڍنڍ جي ليول ڪري ٿي ته خالي ٿيل جهڳن تي آباديون ڪن ٿا، منڇر ڍنڍ ۾ سائبيريا کان ايندڙ پکي هر سال ربيع جي مند ۾ اچن ٿا انهن جو ڇا ٿيندو؟ اهي سڀ ڳالهيون اهم آهن، منڇر ڍنڍ جا مهاڻا لڏي منگلا ڊيم تي پهتا آهن. منڇر ڍنڍ جي بحالي نه ٿيڻ ڪري مٿيان نقصان ٿيندا ٻي ڳالهه آهي سيوهڻ بيراج ٺاهڻ، سنڌ اڳي ئي ان جي ٺاهڻ کان گسائي وئي آهي، جنهن ۾ ان جي ٺاهڻ تي اعتراض ڪيا ويا.  ٽين ڳالهه اها ڪئي وئي ته قدرتي لنگهه انگريزن جي دور ۾ بند ٿيا، انهيءَ ۾ به ڪا سچائي ڪانهي، اهي انگريزي دور ۾ بند نه ٿيا پر انگريزي دور ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ٿيا. جڏهن مٿيون ڳالهيون آهن ته منڇر ڍنڍ جي بحالي ڪيئن ٿي سگهندي؟ ۽ اسان کي ٻيو آپشن ڪهڙو آهي؟ ڇا منڇر ڍنڍ بحال ٿيڻ کپي؟ انهي جي بحالي ڪري سم جو پاڻي جيڪو شهدادڪوٽ کان ايندو آهي سو ڪيئن بند ٿيندو؟ منهنجي خيال ۾ منڇر ڍنڍ ضرور به ضرور بحال ٿيڻ کپي. انهيءَ کانسواءِ اسان کي ڪو چاڙهو ڪونهي.