دبئي(م ڊ) نيب جي ٽيم اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس ۾ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ دبئي پهچي وئي آهي. ذريعن موجب ڊائريڪٽر نيب رضوان احمد جي سربراهي ۾ 4 رڪني ٽيم دبئي ۾ عمرفاروق ظهور سان ملاقات ڪئي. ٽيم سعوي ولي عهد جي تحفي جي گهڙي وڪڻڻ جي معلومات گڏ ڪري رهي آهي، اها گهڙي اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي وئي هئي. عمرفاروق ظهور جي وڪيل نيب عملدارن سان ملاقات جي تصديق ڪئي ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. عمر فاروق گهڙي نيب عمدلارن کي ڏيکارڻ لاءِ قونصل خاني کڻي آيو نيب ٽيم گهڙي جي اصل هجڻ جي تصديق ڪندڙ اسٽور جو به دورو ڪيو ۽ اسٽور جي مينيجر تصديق ڪئي ته هن انمول گهڙي جي قيمت طئي نه ٿي ڪري سگهجي. ذريعن موجب عمر فاروق ظهير گهڙي سان گڏ خريد ڪيل سمورين شين جون رسيدون ۽ ٻيا ثبوت نيب کي ڏنا ۽ دستاويزن تي صحيحون به ڪيون. اسلام آباد جي آرٽس اينڊ ٽائم اسٽور جي مالڪ شفيق جو بيان به نيب رڪارڊ ڪيو آهي جنهن تصديق ڪئي هئي ته توشا خاني ۾ جمع ڪرايل رسيدون ڪوڙيون آهن.