اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ سان مونجهارا پيدا ٿيندا، عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون، اڌ چونڊون پراڻي آدمشماري ۽ اڌ چونڊون نئين آدمشماري تحت نه ٿيون ڪرائي سگهجن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلين جو مدو پورو ٿيڻ بعد چونڊون ٿيڻيون آهن، اسان رڳو اهو چاهيون ٿا ته سيڪيورٽي ۽ معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ تي سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرايون وڃن، هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان گهرو ۽ بچاءُ واري وزارت جا خدشا برقرار آهن، مُلڪ ۾ چونڊون نئين آدشماري ۽ تڪبندين تحت ٿيڻ گهرجن، نگران سرڪار کانسواءِ چونڊن تي آڱريون کڄنديون. وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪمن تي پيش نه ٿيندڙ عمران خان کي عدليه بچايو تحريڪ جو خيال آيو آهي، عمران خان کي عدليه بچايو تحريڪ هلائڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي. قانون واري وزير چيو ته شخصيتن جي حوالي سان عدليه جي اداري ۾ فرق ڏٺو ويو، هر شهري جو حق آهي ته هر فيصلي جي ميرٽ تي ڳالهائي، گذريل ٽن مهينن کان اسلام آباد جي عدالت عمران خان کي نوٽيس اُماڻي رهي آهي، عدالت نوٽيس موڪلي ٿي ۽ عمران خان ڄنگهه تي ڄنگهه رکيون ويٺو هوندو آهي، جتي فردم جرم لاڳو ٿيڻو هو اتي پيش ٿيڻ جي تڪليف ئي نه ڪئي، ان معاملي ۾ ۾ هڪجهڙائي هئڻ گهرجي.