جنيوا(م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ عرب ملڪن يورپ ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي تي احتجاج ڪيو. عرب ملڪن چيو ته عالمي ادارن قرآن پاڪ کي باهه ڏئي شهيد ڪرڻ وارن واقعن جي مذمت ڪرڻ کان نٽايو. قطر جي نمائندي عبرالرحمان المفتاح چيو ته مسلمانن جي سڀ کان مقدس ڪتاب کي ساڙڻ جهڙن واقعن تي عالمي اداري جو رويو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي جنهن تي گهري ڳڻتي آهي. اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جن ملڪن ۾ اهڙا واقعا ٿين انهن تي انهن کي روڪڻ لاءِ ذميواري پوري ڪرڻ تي زور ڀريو وڃي. سويڊن سميت سمورن ملڪن ۾ مذهبي احترام جي بنيادي حقن جي پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي.