تنگواڻي (ن پ ا) سنڌ ۾ قبائلي دحستگردي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ عوامي تحريڪ پاران علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مهتاب ملڪ، اعجاز علي، ذولفقار ملڪ، عوامي تحريڪ جي اصغر ملڪ، منظور کوسو، ڪامريڊ فياض کوسو، حسن ٻپڙ ٻين چيو ته قبائلي دهشتگردي تحت قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ ويجهو 9 ڄڻن جي قتل وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جڏهن ته ه وقت تائي حڪومت ان جو نوٽيس به ناهي ورتو. هنن مطالبو ڪيو قتلام ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.