تماشگاهه … بنگلاديش جي معاشي ترقيءَ جي ڪامياب ڪهاڻي

0
81
تماشگاهه ... بنگلاديش جي معاشي ترقيءَ جي ڪامياب ڪهاڻي

  بنگلاديش جو سفارتڪار ايس ايم محبوب عالم خميس واري ڏينهن حيدرآباد آيو هو ۽ هن پنهنجي مصروف شيڊيول ۾ ايوان صنعت ۽ تجارت، ننڍين صنعتن جي ايوان تجارت ۾ واپارين ۽ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ملاقاتون ڪيون. بنگلاديشي سفارتڪار پنهنجي ڊگهي گفتگو ۾ پنهنجن ٻڌندڙن کي بنگلاديش ۾ ٿيندڙ معاشي ترقي بابت ٻڌايو. مٽا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن، تعليم جي شرح، تعليمي ادارن، دريائن تي پُلين، هارين کي ڏنل سهولتن وغيره جي باري ۾ هن تفصيل سان آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومتن جي منصوبابندي جي ڪري ئي بنگلاديش ۾ نظر ايندڙ ترقي ممڪن ٿي آهي، جنهن جي ڪري روزگار جي وسيلن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ والدين ان قابل ٿيا آهن جو پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلي سگهن. هن ٻڌايو ته سندس ملڪ ۾ اڄ 120 يونيورسٽيون ۽ 117 ميڊيڪل ڪاليج آهن، جيڪي 1971ع ۾ صرف 5 يونيورسٽيون هيون ۽ 2 ميڊيڪل ڪاليج هئا. بنگلاديش ۾ هر 10 سالن جي منصوبابندي ڪئي ويندي آهي، جنهن کي هو ويزن جو نالو ڏيئي رهيو هو. پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڏهه سالا رٿابندي تي عملدرآمد معجزو ڪري ڏيکاريو هو، جنهن کي پوءِ ختم ڪيو ويو.

محبوب عالم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ الحمد الله، ماشاءَ الله، انشاءَ الله وارا لفظ گهڻا استعمال ڪيا ۽ ڳالهه ٻولهه جي شروعات اسلام عليڪم و رحمت الله سان ڪيائين. جيڪا ڳالهه مون وڌيڪ محسوس ڪئي، سا اها ته هن بنگلاديش جي ترقي جي ڪهاڻي ۾ 1971ع جو بار بار ذڪر ڪيو، جنهن مان هن جو مقصد اهو ٻڌائڻ هو، جو 1971ع ۾ سندس ملڪ ۾ ڪجهه به نه هو. هو جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو، اها ان ريت هئي، جيئن پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ترقي جو ذڪر ڪندي پاڪستاني 1947ع واري وقت بابت ٻڌائيندا هئا. بنگلاديش ۾ جنهن ترقيءَ جو هو ذڪر ڪري رهيو هو، پاڪستان ان جهڙي ترقي جي سفر مان 50 سال اڳ گذري چڪو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ پاڪستان جڏهن ماضيءَ ڏانهن مڙي نهاري ٿو ته ان جي عوام کي روئڻ اچي ٿو ته ان جي حڪمرانن ان ترقي کي ڪيئن نه غير ذميواراڻي انداز ۾ ضايع ڪري ڇڏيو.

بنگلاديش جي ڪهاڻي ٻڌي لڳي ٿو ته بنگلاديش ترقيءَ ۾ پاڪستان کان پنجاهه سال اڳتي آهي. انهن کي اها شڪايت هئي ته 1971ع ۾ بنگلاديش، جيڪو ان وقت اوڀر پاڪستان هو، ۾ رستا ٽٽل هئا، درياهه پُلن کان محروم هئا ۽ ٻيون به تمام گهڻيون شڪايتون. وڏن شهرن کان علاوه ننڍن شهرن ۾ اسڪول ۽ تعليمي ادارا موجود ئي نه هئا. عوامي ليگ انهن محرومين کي ئي پنهنجي سياسي ۽ چونڊ مهم جو بنياد بڻايو هو.

اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ پاڪستان کان آزاديءَ جي جدوجهد ڪئي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻي جاني نقصان سان گڏوگڏ پاڪستان کي به جيڪا رسوائي کڻڻي پئي هئي، اها ڀارت جي فوج جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي رسم هئي. ان سان گڏوگڏ ئي ڍاڪا ۾ پاڪستاني جهنڊو جهڪي ويو هو ۽ پاڪستان ٻه ٽڪر ٿي ويو هو. پاڪستان ان وقت دنيا جو سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ هو. ان تلخ واقعي کانپوءِ اهو پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ ان وقت جي پاڪستاني حڪمرانن قومي اسيمبلي ۾ گهڻين سيٽن تي ڪاميابيءَ باوجود عوامي ليگ کي اقتدار منتقل ڪرڻ ۾ گوٿناٿ کان ڪم ورتو هو. اهي ڇو اهو اندازو ڪري نه سگهيا هئا ته ڀارت پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي ٻه قومي نظرئي جو شديد مخالف هو ۽ پاڪستان سان ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي جنگيون وڙهي چڪو هو. اوڀر پاڪستان ۾ آباديءَ جو هڪ گروهه ڀارت سان همدردي رکندو هو. ان ئي گروهه پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ پاڪستاني حڪمران غافل رهيا. بنگلاديش جو ٺهڻ پاڪستاني اختيارين جي غفلت ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ دير وارا حربا استعمال ڪرڻ ۽ سستي جو مظاهرو هو، جنهن پاڪستان کي نقصان پهچايو. عوامي ليگ کان وڏي غلطي اها ٿي ته ان جي قيادت 1970ع جي چونڊ مهم دوران پنهنجي سموري قوت اوڀر پاڪستان تي لڳائي ۽ اولهه پاڪستان تي توجهه نه ڏني. ان بنهه ٿورا اميدوار اولهه پاڪستان (موجوده پاڪستان) ۾ پڻ بيهاريا هئا پر اهي ناڪام رهيا. جڏهن حڪمران عوامي ليگ کي اقتدار منتقل نه ڪري رهيا هئا ته اولهه پاڪستان ۾ سياسي جماعتون به حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ناڪام رهيون. ان جي ڪري ئي حڪمرانن کي جيڪو مرضي ۾ آيو، اهو انهن اوڀر پاڪستان ۾ ڪيو.

بنگلاديش سڄي ملڪ ۾ دريائن تي جيڪي به پُلون ٺاهيون آهن، اهي پنهنجن وسيلن مان ٺاهيون آهن. بنگلاديشي حڪومت تعليم تي گهڻو زور ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح حڪومت عورتن جي تعليم کانسواءِ انهن کي هنرمندي جي ڪمن سان سلهاڙيو آهي. اهي ان ئي رٿابندي جو ڦل کائي رهيا آهن. بنگلاديش ۾ اڄ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 2800 ارب ڊالر آهن، جي ڊي پي 8 سيڪڙي کان وڌي وئي آهي، جيڪا سفارتڪار موجب، جلد ئي ٻن ڊجٽس ۾ اچي ويندي. هو فخر سان ٻڌائي رهيو هو ته شين ۾ سندس ملڪ جو روانگي واپار ئي سندن ترقي جو بنيادي سبب آهي. هن اهو ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ سندن گارمينٽس جو پنهنجو مقام آهي پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته گارمينٽس ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال، جيڪو ڪاٽن جو ڌاڳو آهي، اهو پاڪستان مان گهرايو ويندو آهي. سمورن دريائن تي تمام گهڻيون پُليون تعمير ٿيل آهن. هو ٻڌائي رهيو هو ته بنگلاديش سڄي دنيا جي ملڪن سان دوستاڻه لاڳاپا رکي ٿو ۽ اهو ئي ان جي ترقيءَ جو راز آهي. هو بار بار پاڪستاني صنعتڪارن کي بنگلاديش ۾ سيڙپڪاري جو دعوت ڏيئي رهيو هو. سندس چوڻ هو ته جتي اسان جا ڀارت سان سٺا لاڳاپا آهن، اتي پاڪستان سان به سٺا تعلقات آهن. اسان جي لاءِ آمريڪا ۽ چين ٻئي برابر ملڪ آهن. ٻنهي ملڪن سان بنگلاديش ٻه طرفا لاڳاپا رکي ٿو، آمدني ۽ روانگي واپار ڪري ٿو. هن چيو ته بنگلاديش جي ترقي ۾ ان جي عوام جو ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جا ماڻهو محنتي، مخلص  ۽ ايماندار آهن. اهي ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا ۽ انهن جي ڪري ئي موجوده ترقي ممڪن ٿي سگهي آهي.