اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان پسند جي شادي جي پلاند ۾ اغوا ڪيل عورت ۽ ٻن ٻارن جي بازيابي لاءِ وارثن جي احتجاجي ڪئمپ ٽئين ڏينهن به جاري رهي. وارث احتجاجن رات به ڪئمپ ۾ گذاري، معصوم نياڻيون َپٽ تي ستل رهيون. مسمات الھه جوائي ۽ سندس ٻن پٽن احسان ۽ زوهيب جي بازيابي لاءِ لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي ڪوبه ذميوار عملدار يا سياسي سماجي اڳواڻ سکڻي آٿت ڏيڻ لاءِ به لڙي نه آيو، مظاهرين موجب ٽي گهر ڀاتي ستن مهينن کان گم آهن، معصوم نياڻيون ماءُ ۽ ڀائرن جو چهرو ڏسڻ لاءِ سڪي ويون آهن. هنن واضح ڪيو ته عورت ۽ ٻارن جي بازيابيءَ تائين احتجاج جاري رهندو. واضح رهي ته مسمات الھه جوائي ۽ سندس ٻن پٽن احسان علي ۽ زوهيب علي کي ڊسمبر 2022 ۾ پسند پرڻي جي پلاند ۾ اغوا ڪيو ويو هو، جن کي پوليس ست مهينا گذرڻ کان پوءِ به بازياب نه ڪرائي سگهي آهي.