ترائي (ن پ ا) ترائي لڳ ڳوٺ محمد بچل نوحاڻي ۾ امام واھ جاگير تي پل نه هئڻ سبب ڳوٺاڻن فوتي ميرڻ نوحاڻي جو جنازو متبادل رستو نه هئڻ سبب ڪاٺ جي سوڙھي پل تان گذاري قبرستان آندو، ان حوالي سان ڳوٺاڻن شاهو خان نوحاڻي، حاجي نوحاڻي، صدام حسين نوحاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ووٽ وٺڻ وقت اميدوار وڏا وڏا وعدا ڪندا آھن پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سار به نٿا لهن، هنن چيو ته بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، امام واھ جاگير تي پل نه هجڻ سبب مجبورن ڪاٺ جي ڦٽن تان جنازو کڻي قبرستان پهچايو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پل ٺهرائي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.