ڪراچي (نمائندن وٽان) راڌڻ ۾ ڪتن پريس ڪلب راڌڻ جي جنرل سيڪريٽري عبدالرسول ڏھوٽ جي ڀاڻج شايان جھتيال کي ڏاڙھي وڌو آھي، جنھن کي اسپتال آندو ويو پر ويڪسين موجود نه ھجڻ سبب واپس نيو ويو. ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويراواھ ۾ ڪرمڻ ميگهواڙ، سراج سمون، لکي خاصخيلي سميت 8 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي وارثن پاران تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٺل جي بينظير ڪانٽي پاڙي ۾ ڪتي نينگر خالد محمود پٽ مير حسن ٻرڙو کي ڏاڙهي شديد زخمي ڪري وڌو. نينگر کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو جتي ڇتي ڪتي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪرائي گهر منتقل ڪيو ويو آهي.