تحريڪ انصاف “ملڪ دشمن” پارٽي آهي؟

0
169
تحريڪ انصاف “ملڪ دشمن” پارٽي آهي؟

9 مئي تي جنهن وقت عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي گرفتاري تي پوري پاڪستان ۾ جنهن قسم جو سخت عوامي ردعمل آيو، تنهن ملڪي تاريخ ۾ هڪڙو نئون مثالي قائم ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت ملڪ جو ڪو به اهڙو وڏو شهر نه هو، جتي سوين هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري نه آيا. روڊ رستا بند ٿي ويا. شهر بند ٿي ويا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڀلو ۽ بهتري خاموشي ۾ ڏسي رهيا هئا. عوام جي چڙ عروج تي هئي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ ان تاريخي ۽ مثالي احتجاج کي پوري دنيا نيوز چئنلز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڏٺو ۽ ڪيترن تجزئي نگارن ته ان جي “عرب اڀار” سان ڀيٽ ڪئي. پي ڊي ايم جي حڪومت، ان جي اتحادي پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به اهڙي قسم جي سخت ردعمل جو اندازو نه هو. پورا ٽي ڏينهن ملڪ ۾ جهڙوڪر هنگامي صورتحال هئي. عمران خان جي گرفتاري تي آيل ردعمل رياستي ادارن ۽ حڪومت جي پريشاني ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو. حڪومت ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تي اهو ئي پراڻو ۽ رواجي الزام ورجايو ته هتي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي پويان پاڙيسري ملڪ ڀارت آهي. تنهن ڪري تحريڪ انصاف تي بندش وجهڻ جون ڳالهيون ۽ مطالبا ڪيا ويا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان چيو هو ته عمران خان پنجاب جو الطاف آهي.

عمران خان جي آزادي کانپوءِ هڪڙي پاسي قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو ۽ ان پليٽ فارم تان عمران خان ۽ تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ان کي ”ملڪ دشمن” پارٽي قرار ڏنو ويو. وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس ٿيو، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جي سربراهن جو هنگامي اجلاس ٿيو، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، جي ايڇ ڪيو ۾ عسڪري اداري پنهنجا ڪيترائي هنگامي ۽ اعليٰ سطح جا اجلاس گهرايا. سڀني جو هڪڙو ئي نقطو هو ته تحريڪ انصاف ملڪ دشمن پارٽي آهي ۽ عمران خان عالمي طاقتن ۽ قوتن جو ايجنٽ آهي ۽ هُو پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان جي تاريخ ۾ اهي الزام ڪي نوان ناهن. اهڙا ۽ ان کان به وڌيڪ سنگين نوعيت جا الزام جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، فاطمه جناح، رسول بخش پليجي، ذوالفقار علي ڀٽي، شيخ مجيب، غفار خان، ولي خان، خير بخش مري، عطاءُ الله مينگل، اڪبر بگٽي، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ ٻين تي بار بار لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن سڀني سالن تائين جيل ڪٽيا ۽ جلاوطن ٿيا، پر آخر ۾ خبر پئي ته انهن مان ڪير به پاڪستان جو دشمن نه هو، انهن سڀني پاڪستان ۾ صرف عوامي راڄ، جمهوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهي پئي ۽ ڪنهن به صورت ۾ فوجي آمريت کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئا. تنهن ڪري عمران خان جي سياست، سياسي پاليسين ۽ ان جي جدوجهد جي طور طريقن سان ڪيترا اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر اهو قطعي طور نٿو چئي سگهجي ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان پاڪستان جا دشمن ۽ ٻئي ڪنهن دشمن ملڪ جا ايجنٽ آهن.

تحريڪ انصاف طرفان جيڪو تاريخي ردعمل آيو آهي، تنهن جو به هڪ انتهائي ڊگهو ۽ تاريخي پس منظر آهي. تحريڪ انصاف ڏٺو ته پيپلز پارٽي جو باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ڪال ڪوٺڙي ۾ قيد هو ته هن جي پارٽي مزاحمت ڪرڻ بدران مفاهمت ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ جنرل ضياءَ سان ڳالهين کي ترجيح ڏني. سعودي عرب، متحده عرب امارات، شام، لبنان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جي سربراهن جنرل ضياءَ کي  ڪنهن به صورت ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاهي نه ڏيڻ جو چيو ۽ ڪيترن ملڪن جي سربراهن اهڙا خط به لکيا. پاڪستان جي پاپولر پارٽي ۽ ان جو اڳواڻ صرف ئي صرف ان ڪري ڪروڙين عوام جي آڏو ڦاهي چڙهي ويو، جو انهن مزاحمت ڪرڻ بجاءِ مفاهمت کي ترجيح ڏني ۽ نتيجي ۾ انهن کي پنهنجي ليڊر جو لاش مليو. پر جيڪڏهن اها پارٽي هڪڙي پاسي مفاهمت ۽ سفارتي تعلقات استعمال ڪري ها ۽ ٻئي پاسي عوامي مزاحمت جاري رکي ها ته شايد ضياءُ، ڀٽي صاحب کي ائين آساني سان ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ۽ عمل نه ڪري سگهي ها! ڀٽي صاحب جي ڦاهي کانپوءِ ايم آر ڊي تحريڪ شاندار انداز سان هلي، سوين سياسي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا ۽ هزارين لکين گرفتار ٿي سالن تائين جيلن ۾ اذيتون برداشت ڪندا رهيا. بينظير صاحبه ۽ نواز شريف کي ٻه دفعا وزارت عظميٰ تان لاٿو ويو، ٻنهي اڳواڻن وزارت عظميٰ کانپوءِ ٿوري وقت لاءِ مظاهرا، ريليون، جلسا جلوس ڪيا ۽ ڪجهه سخت قسم جا بيان ڏئي وري خاموش ٿي ويا. پر جيڪڏهن اهي ٻئي پارٽيون پنهنجي پوري قوت ۽ سگهه سان عوام کي منظم ڪري ڪا ڊگهي ۽ شاندار عوامي تحريڪ هلائين ها ته شايد صدر اسحاق خان ۽ صدر فاروق لغاري ائين آساني سان اسيمبليون ٽوڙي سگهڻ جا فرمان جاري نه ڪن ها ۽ نه ئي وري جنرل مشرف آساني سان اچي مارشل لا هڻي ها. جنرل مشرف جي خلاف ڪا به ڊگهي ۽ سخت قسم جي مزاحمت ۽ تحريڪ نه هلي. نواز شريف جلد ٺاهه ڪري خاندان سميت جلاوطن ٿي ويو ۽ هيڏانهن بينطير صاحبه پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان مشرف سان ٺاهه ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. مولانا فضل الرحمان جهڙا “جهانديده” اڳواڻ مشرف سان ٺاهه ڪري “متحده مجلس عمل” جوڙي اقتدار ۾ اچي ويا ۽ جماعت اسلامي به ان جو حصو رهي. پيپلز پارٽي ۽ بينظير صاحبه مشرف سان جيڪا مفاهمت واري پاليسي رکي، تنهن جو نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو. جيڪڏهن بينظير صاحبه جنرل مشرف جهڙي آمر سان مفاهمت بدران مزاحمت وارو رستو اختيار ڪري ها ۽ پنهنجي پارٽي ۽ ڪارڪنن کي مشرف جي خلاف ميدان ۾ لاهي بيهاري ها ته بينظير کي ائين آساني سان قتل نه ڪيو وڃي ها. نواز شريف کي ٽيون دفعو وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو ته هن پوءِ مزاحمت ڪئي پر جيڪڏهن وزير اعظم هوندي هُو پنهنجي پارٽي ۽ ڪارڪنن کي ميدان ۾ لاهي ها ته شايد ائين آساني سان گهر ڀيڙو نه ڪيو وڃي ها. هڪڙي پاسي ان قسم جي مفاهمت واري تاريخ آهي، جنهن ۾ سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کي نقصان ئي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي اها ئي عوامي مزاحمت هئي. جنهن ڊڪٽيٽر جنرل ايوب کي استعيفا ڏئي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. اها تاريخي عوامي تحريڪ ۽ عوامي مزاحمت هئي، جنهن جنرل ضياءَ جهڙي سفاڪ آمر کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان جو آخري نتيجو سندس موت جي صورت ۾ نڪتو. جنرل مشرف جهڙو آمر به هڪ ڊگهي عوامي جهدجهد جي نتيجي ۾ گهر ڀيڙو ٿيو. وڪيلن جي تاريخي جدجهد جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار چوڌري واپس پنهنجي عهدي تي بحال ٿيو.

اها به هڪڙي تاريخي حقيقت آهي ته سياسي ليڊر ۽ ڪارڪن سالن تائين جيلن ۾ قيد رهيا، عدالتن جا سوين چڪر لڳايا، آخر ۾ انهن تي هڪڙو ڪيس به ثابت نه ٿيو ۽ عدالتن انهن کي بي گناهه قرار ڏنو ۽ اهڙي طرح انهن جي مٿان ڪيس ختم ٿيا. پر ان دوران انهن جي جيڪا ڪردار ڪشي ٿيندي رهي، انهن جيڪي جيل ۾ اذيتون برداشت ڪيون، انهن مان ڪيترن جا گهرگهاٽ ويران ٿي ويا، انهن مان ڪيترن جا پيارا گذاري ويا ۽ انهن بکون، فاقا ۽ جيڪي تڪليفون برادشت ڪيون، انهن کي موٽ ۾ ڇا مليو؟ بس اهو ته انهن کان هڪڙي آمر يا وقت جي حڪمران صرف پنهنجو انتقام ورتو! تنهن جي معنيٰ هن ملڪ ۾ ڪا آئين ۽ قانون جي حڪمران ناهي ۽ هر حڪمران جي مرضي آهي ته جنهن کي چاهي جيل ۾ سالن تائين وجهي ڇڏي ۽ ان سان گڏ هن جي ڪردار ڪشي پڻ جاري هجي. اسان وٽ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته هتي جيڪو حڪومت ۾ آهي ۽ جنهن وٽ رياست جي طاقت آهي، اهو ڪنهن به آئين ۽ قانون آڏو جوابدار ناهي، اهو پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومت جي مخالف يا مخالفن کي ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن ۾ سالن تائين جيل ۾ واڙي سگهي ٿو، هن کي ۽ هن جي پارٽي کي مڪمل طور ختم ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ ضرور جنهن جي آڏو اهڙي هڪ ڊگهي تاريخ گذري هوندي ۽ جنهن جو ان کي سڌي يا اڻ سڌي طرح تجربو حاصل ٿيو هوندو ۽ ان جي متاثرين کان اهي داستان ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون هونديون، اهو ضرور ان سڄي ڊرامي، ناٽڪ، ظلم ۽ قهر کان بچڻ لاءِ نيون حڪمت عمليون ترتيب ڏيندو، مزاحمت جا نوان گس ۽ رستا تلاش ڪندو، اڻ ٿڪ ۽ ڊگهي جدجهد لاءِ سوچيندو ۽ ان مطابق فيصلا ڪندو. تنهن ڪري عمران خان جي گرفتاري تي جيڪو سخت عوامي ردعمل آيو، اهو هر لحاظ کان متوقع هو، پر ان جي آڙ وٺي تحريڪ انصاف تي بندش وجهڻ، ان ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرائڻ يا ان کي ملڪ دشمن چوڻ قطعي صحيح نه هوندو، ڇو ته عوام ان کان اڳ نعپ (نيشنل عوامي پارٽي) تي اهڙي جڙتو ۽ من گهڙت بندش ڏسي چڪو آهي. ها باقي جن ان جي آڙ ۾ رياستي ۽ سرڪاري ادارن يا ملڪيتن تي حملا ڪيا آهن يا ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي، انهن کي ضرور آئين ۽ قانون مطابق سزا ڏني وڃي. باقي ڪن اڻ وڻندڙ ۽ سخت عملن جي آڙ ۾ هڪ سياسي ڌر ۽ پارٽي کي مڪمل طور ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش نه ڪامياب وئي آهي ۽ نه ئي ويندي!