تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي!، استعيفائون منظور ڪرڻ وارا نوٽيفڪيشن رد

0
179
تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي
تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ۾ واپسي!، استعيفائون منظور ڪرڻ وارا نوٽيفڪيشن رد

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 72 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ وارا نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيا

پي ٽي آءِ جي سمورن ايم اين ايز کي استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر وٽ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جسٽس شاهد ڪريم جي عدالت رياض فتيانا ۽ ٻين جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو

عدالت استعيفائن جي منظوري بابت اليڪشن ڪميشن ۽ اسپيڪر جا نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيا

 فواد چوڌري، حماد اظهر، شاهه محمود قريشي، شفقت محمود ۽ رياض فتيانا سميت 72 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا هئا

 عدالت چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سمورن ميمبرز کي ٻيهر ٻڌڻ بعد فيصلو ڪري

ٻئي پايس لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي ۾ واپسيءَ جو اعلان، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئرسٽر علي ظفر چيو آهي ته عدالتي فيصلي جو مطلب اهو آهي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ ڀرپور اپوزيشن طور ٻيهر واپس وڃي سگهي ٿي

پنهنجي ٽويٽ ۾ علي ظفر چيو ته عدالت جو اهو تاريخي فيصلو هاڻوڪي سياسي بحران جي حل ڏانهن به وٺي وڃي سگهي ٿو، فرخ حبيب چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ راجا رياض اپوزيشن ليڊر طور فارغ ٿي ويندو

هن کي به پڙهندا

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملو

جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪيان ٿو: عمران خان

ظل شاهه قتل ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور